اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته احتجاج پاڪستان جي هر شهري جو آئيني حق آهي پر ان کي س??ائ??ن قانون جي دائري ۾ رهڻ گهرجي، ڪجهه شرپسندن جهڙي طرح سرڪاري ملڪيتن خاص طور تي س??ڪاري ۽ فوجي عمارتن کي نقصان پهچايو آهي، اهو مذمت جوڳو آهي، ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن ر??ڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده ملڪي صورتحال تي پنهنجي ٽو??يٽ ۾ چيو ته آئون اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري س??ن پيدا ٿيندڙ ملڪ جي موجوده صورتحال تي شديد پريشان آهيان، انساني جانين جو زيان دل ڏکوئيندڙ، ڳڻتي جوڳو، افسوسناڪ ?? انتهائي مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته اسان کي ڏاڍ ۽ گرفتارين بدران ٻيهر سوچڻ گهرجي ۽ سياسي حل ڳولڻ گهرجي، مون سياسي ۽ عسڪري قيادت کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ اميد ڪريان ٿو ته حالتون بهتر ٿينديون، آئون ملڪ جي سڀني شهرين کي پرامن ر??ڻ جي پرزور اپيل ڪريان ٿو.