اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم پن??نجي هيروز، غازين ۽ شهيدن ۽ انهن جي خاندانن سان اڻٿڪ يڪجهت?? جي لاءِ اڄ تڪريم شهداءِ پاڪستان ڏهاڙو ملهائي رهي آهي، 9 مئي پاڪستان جي محافظن، معمارن ۽ ان کي ڪمزور ڪندڙن جي وچ ۾ ورڇ جي لڪير ڪڍي ڇڏي آهي. وزيراعظم پن??نجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته قوم پن??نجي هيروز، غازين ۽ شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ انهن جي خاندانن سان پن??نجي اڻٿڪ يڪجهت?? جي اظهار لاءِ تڪريم شهداءِ پاڪستان ڏهاڙو انتهائي عقيدت سان ملهائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته هو 9 مئ?? جي المناڪ واقعن کي رڳو هڪ احتجاجي طور نه ٿو ڏس?? جيڪي پرتشدد ٿي ويا. انهن ماڻهن جا ارادا جن انهن واقعن جي منصوبابندي ڪئي هئ?? اهي اصل ۾ تمام گهڻا خطرناڪ هئا ۽ اها شرمناڪ واقعن جي هڪ واضح شڪل هئ?? ۽ پوري قوم ڏٺو ته ڪهڙي طرح ڪجهه ماڻهن جي اقتدار جي هوس انهن کي اهو ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو جيڪو اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو. وزيراعظم چيو ته شهيدن جي يادگارن کي نشانو بڻائڻ، انهن جي بي حرمتي ڪري ۽ رياست جي علامتن تي حملي آور ٿي شرپسندن پاڪستان جي نظريي ۽ تشخص تي حملو ڪيو ۽ ملڪ جي دشمنن کي جشن ملهائڻ جو موقعو ڏنو. وزيراعظم چيو ته قوم پن??نجي شهيدن جي عزت جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي. 9 مئ?? جي المناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ واقعا باور ڪرائي رهيا آهن ته اسان کي اهڙن سمورن ماڻهن جي لاءِ نشاندهي ۽ انهن کي بي نقاب ڪرڻو آه?? جيڪي پاڪستان جي بنيادن کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. 9 مئ?? جي واقعن پاڪستان جي محافظن ۽ معمارن ۽ ان کي ڪمزور ڪندڙن جي وچ ۾ ورڇ جي لڪير ڪڍي ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پن??نجي شهيدن جي عزت ۽ تڪريم کي برقرار رکڻ جي پن??نجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. پاڪستان جو وجود عوام ۽ شهيدن جي وچ ۾ روحاني رشتي سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان جو قيام 20 هين صدي جو هڪ معجزو آهي ۽ ان جي عمارت شهيدن جي مقدس رت جي يق??ني بنيادن تي بيٺل آهي. اسان ڪڏهن به انهن جي احسان جو بدلو نه ٿا ادا ڪري سگهون.