اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردوان جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي ??نقره ۾ مختلف ملڪن جي اڳ??اڻ?? سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم شهباز شريف ترڪيھ جي اڳوڻي نائب وزيراعظم ۽ ايم ايڇ پي پارٽي جي چيئرمين دولت باهچيلي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف کيس صدر اردوان سان گڏ چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيو??. ح??ف برداري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪوسوو جمهوريه جي صدر وجوسه عثماني ساديرو جي به ملاقات ٿي، ٻنهي اڳ??اڻ?? ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف شع??ن ۾ سهڪار جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي ايران جي اول نائب صدر محمد مخبر سان به ملاقات ٿي. وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۽ سيستان سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ ايران جي صدر سان پنهنجي هاڻوڪي ملاقات جو حوالو به ڏنو. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ بارٽر واپار هڪ سٺي اڳڀرائي آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. صدر اردوان جي حلف برداري واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شفقت مرزايوف سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳ??اڻ?? علائقائي سهڪار، خطي کي رابطن سان ڳنڍڻ ۽ مختلف شع??ن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي رفتار تيز ڪرڻ تي ??ه ڳالهيون ڪيون.