اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته سرڪاري ملازمن کي 23 جون ??ائ??ن هن مهيني جي پگهار ڏيڻ لاءِ هدايتو?? جاري ڪري ڇڏيون آهن، ايس ڊي جيز ۾ ايم اين ايز جي ترقياتي منصوب?? جا فنڊز نان ليپس اي??ل ا??ائ??نٽ ۾ وجهڻ لاءِ قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل سان مشاورت ڪنداسين. قومي اس??مبلي ۾ خيالن جو اظهار ۽ ميمبرن طرفان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ بابت ايف بي آر جي واپاري ۽ فني ڪميٽين جي حوالي سان نظرثاني ڪئي وئي آهي جنه?? جا تفصيل هن ايوان ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته سندس ڪيترين ئي وزارتن ۽ کاتن عيدالاضحيٰ کان اڳ سرڪاري ملازمن کي پگهار جي ادائيگي لاءِ رابطوڪيو آهي، ناڻي واري وزير چيو ته هن ان حوالي سان ناڻي واري سيڪريٽري کي هدايتو?? جاري ڪري ڇڏيون آهن ته سمورن سرڪاري ملازمن کي 23 جون جمعي ??ائ??ن هن مهيني جي پگهار ادا ڪئي وڃي ته جيئن ملازم عيد جي حوالي سان پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهن. هن چيو ته ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر جون ٽيمون قومي اس??مبلي ۽ سينيٽ جي کانسواءِ ڪميٽين ۾ به موجود آهن جيڪي ميمبرن طرفان بجيٽ تي بحث جو هڪ هڪ نقطو نوٽ ڪري رهي آهي، ان ۾ عمل جوڳين تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو، هن چيو ته قومي اس??مبلي ۽ سينيٽ ۾ ناڻي واري ??مل??تي وزير به موجود رهندي آهي، هن چيو ته ايس ڊي جيز ۾ ايم اين ايز جي منصوب?? جا فنڊز نان ليپس اي??ل ا??ائ??نٽ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ هو قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل سان مشاورت ڪندا ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان هڪ قانون موجود آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جو هڪ فيصلو به آهي، ان کان اڳ عبدالاڪبر چترالي، غوث بخش مهر ۽ انجنيئر صابر حسين قائم خاني اعتراض واري نقطي تي چيو ته ايس ڊي جيز ۾ ايم اين ايز جي ترقياتي فنڊز 30 جون تي ليپس ٿي رهيا آهن، انهن فنڊن کي نان ليپس اي??ل ا??ائ??نٽ ۾ منتقل ڪيو وڃي، انهن ميمبرن بجيٽ تي بحث دوران ناڻي واري وزير جي ٽيم جي موجودگي جو به مطالبو ڪيو.