ڪراچي – 16 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ??رداري چيو آهي ته مرحومه فوزيه وهاب غيرمعمولي صلاحيتون رکندڙ سياستدان، پر??قا?? شخصيت جي مالڪ ۽ ثابت قدم اڳواڻ هئي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو ??رداري پارٽي جي اهم عورت اڳواڻ مرحومه فوزيه وهاب کي ان جي 11 هين ورسيءَ تي ??را?? عقيدت پيش ڪيو آهي. هن چيو ته فوزيه وهاب جي پارٽي جي لاءِ خدمتون ڊگھيون ۽ شاندار آهن ۽ هو قيادت ۽ جيالن جي دلين ۾ سدائين زندهه رهندي. هن دعا ڪئي ??ه الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ ان جا درجا بلند فرمائي.