اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پاڪستان فلسطين جي جنين پناهگير ڪئمپ تي اسرائيلي قابض فوج جي تازي ڇاپ?? جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ 14 سالا ٻار سميت 4 فلسطيني شهيد ۽ 40 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان زخمين جي جلد صحتياب?? جي لاءِ دعا ڪريون ٿا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏيون ٿا ته ??ها فلسطيني عوام جي تحفظ جي لاءِ فوري قدم ??ڻي. ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته مسئلي جو پرامن حل ٻه رياستي حل لاڳو ڪرڻ ۾ آهي، اسان 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا جنهن جو گادي وارو شهر القدس شريف هجي.