پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي وطن جي ترقي لاءِ خدمتن کي ??را?? تحسين پ??ش ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي خلاف ڪوڙ بي نقاب ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن، 9 مئي تي باهه لڳائيندڙ پنهنجي ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، هڪ سال ۾ پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ ??ان بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائين پ??تا آهيون، پاڪستان جي معاشي خودمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پاڪستان جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهي ٿي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف فرانس ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان بزنس فورم جا نمائندا پڻ موجود هئا. وزي??اع??م محمد شهباز شريف ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني وطن جا سفير ۽ قيمتي اثاثو آهن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي وطن جي ترقي جي لاءِ خدمتن کي ??را?? تحسين پ??ش ڪريون ٿا. هن چيو ته هڪ سال ۾ پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ ??ان بچايو، انتهائي ڏکئي فيصلن مان گذري هيستائين پ??تا آهيون، گذريل چار سال ۾ معيشت تباهه، بيروزگاري ۽ مهانگائي آسمان تي پهچائي وئي، پاڪستان پرڏيهي محاذ تي اڪيلائپ جو شڪار هو، هڪ سال جي مسلسل محنت سان پرڏيهي لاڳاپا بحال ڪيا. وزي??اع??م چيو ته پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ اڪنامڪ ري??ائ??ول پلان سنگ ميل ثابت ٿيندو، سيڙپڪاري ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ اسپيشل انويسٽمنٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل ٺاهي ڇڏي آهي، پاڪستان جي معاشي خودمختياري، ترقي ۽ مضبوطي ئي پاڪستان جو مستقبل محفوظ بڻائي سگهي ٿي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني 9 مئي جي واقعن جي پرزور مذمت ڪن، 9 مئي تي باهه لڳائيندڙ ڪوڙ سان ٻاهرئين ملڪ باهه ڀڙڪائي رهيا آهن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي خلاف ڪوڙ بي نقاب ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وزي??اع??م جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. فرانس ۾ رهندڙ پاڪستانين وزي??اع??م کي گلدستو پڻ پيش ڪيو.