اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ناليواري اداڪار شڪيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس لاڏاڻو پاڪستان جي ڊراما انڊسٽري جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 70ع جي ڏهاڪي کان ان جو نالو پاڪستان جي ڊراما انڊسٽري جي سنهري دور سان ڳنڍ??ل آهي، جڏهن ڊراما پن??نجي جاندار ڪردارن ۽ اداڪاري جي ڪر?? ناظرين کي محسور ڪندا هئا. هن چيو ته شڪيل پن??نجي لازوال ڪردارن ۽ شاندار اداڪاري جن سان منهنجي عمر جي ماڻهن جون قيمتي يادون واڳ??ل آهن، جي ڪري شهرت جي بلندين تي پهتو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ درجا بلند ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.