ا??لا?? آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ا??لا??ي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اها ٽيليفون ڪال سوئيڊن ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بي حر??تي جي مسلسل واقعن جي پس منظر ۾ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير توهين آميز ڪاررواين جي مذمت ڪئي جيڪا عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. هن او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري کي 6 جولاءِ 2023ع تي پاڪستان ??ي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ منظور ڪيل قرارداد ۽ 7 جولاءِ 2023ع تي سڄي پاڪستان ۾ تقدس قرآن ڏهاڙي ملهائڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪو تحفظ قرآن جي لاءِ پاڪستان ??ي عوام جي امنگن جي عڪاسي ڪري ٿو. پرڏيهي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ته او آءِ سي جنرل سيڪريٽري جي سرپرستي ۾ ان قابل مذمت ڪاررواين فوري جواب ڏئي رهي آهي. هن 2 جولاءِ 2023ع تي جده ۾ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ٿيندڙ غيرمعمولي اجلاس ۽ اجلاس کانپوءِ جامع پڌرنامو جاري ڪرڻ تي او آءِ سي کي ساراهيو. پرڏيهي وزير ان معاملي تي هنگامي وزارتي اجلاس منعقد ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ جنرل سيڪريٽري کي ان ??لسلي ۾ ا??را??، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيندڙ ٽيليفونڪ رابطي بابت آگاهه ڪيو. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري ا??لا??و فوبيا کي منهن ڏيڻ ۽ روڪڻ جي لاءِ پاڪستاني ڪوششن کي ساراهيندي گڏيل قومن ۾ان ??لسلي ۾ پاڪستان ??ي اهم ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير جنرل سيڪريٽري کي يقين ڏياريو ته پاڪستان ????لا??و فوبيا جي قابل مذمت لهر کي روڪڻ جي لاءِ او آءِ سي جي سمورن قدمن ۾ فعال طور تي حصو وٺڻ جي لاءِ تيار آهي.