اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي شهيدن کي ملڪ جي دفاع خاطر جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽي??يفون تي رابطو ڪري شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر 13 جولاءِ تي ڪڇي ڪينال، سوئي بلوچستان ۾ حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽي??يفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪ??ر عارف علوي نائيڪ ??سماعيل خان، سپاهي عبدالغف??ر ۽ سپاهي شفقت الله جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر وارثن سان ڳالهه ٻولهه دوران شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. هن شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي قرباني جي جذبي ۽ حب الوطني کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.