اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سوئيڊن ۾ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته او آءِ سي جي پليٽ فارم تان ان شيطانيت جي تدارڪ جي گڏيل حڪمت عملي ٺاهينداسين. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم چيو ته او آءِ سي کي مسلمان امت جي احساسن جي ترجماني ۽ ان شيطانيت کي روڪرائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو آهي. تورات، انجيل ۽ قرآن ڪريم جي بي حرمتي جي اج??زت ڏيڻ جي فيصلي کي تبديل ڪرڻ جي مهم هلائينداسين. مقدس ڪتابن، هستين ۽ شعائر جي بي حرمتي اظهار جي نه ??ني?? کي مستقل آزار ڏيڻ جي آزادي آهي. هن چيو ته واقعن جو تس??سل ۽ ترتيب ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اهو اظهار نه پر سياسي ۽ شيطاني ايجنڊا جو حصو آهي. پوري اسلامي ??ني?? ۽ مسيحي ??ني?? کي گڏجي ان سازش کي روڪڻو پوندو. هن چيو ته شيطان جا پيروڪار ان ڪتاب جي بي حرمتي ڪري رهيا آهن جنهن انسانن کي عزت ڏني، حق ۽ رهنمائي ڏني. تورات ۽ انجيل جي بي حرمتي جي اج??زت ڏيڻ جي فيصلي سان بي حرمتي ڪندڙن جي حوصلا افزائي ٿي. هن چيو ته اهو نفرت جو فروغ آهي جنهن جي عالمي قانون اج??زت نه ٿو ڏي. مذهبي جذبا ڀڙڪائڻ، اشتعال انگيزي، دهشتگردي ۽ تشدد تي اتساهڻ جا اهي رويا ??ني?? جي امن جي لاءِ هاڃيڪار آهن. هن چيو ته اهي رويا قانوني ۽ اخلاقي ٻنهي لحاظ کان ئي شديد نفرت جوڳا ۽ مذمت جوڳا آهن.