اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪامسٽيڪ نوبيل ف??سٽ??ول جي انتظامي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزهان ڪسٽافن به موجود هو. انتظامي ڪميٽي صدر کي قازقستان ۾ نوبل ف??سٽ??ول جي مقصدن بابت بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته نوبل ف??سٽ??ول جو مقصد هر هڪ جي تعليم ۽ سائنس تائين پهچ آسان بڻائڻ آهي. نوبل ف??سٽ??ول ۾ نوبل انعام يافته ماڻهن، سائنسدانن ۽ عالمي ادارن جا نمائندا شرڪت ڪندا آهن. صدر اسلامي م??ڪن جي وچ ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قازقستان جي سفير چيو ته پاڪستان سان تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي خصوصي اهميت ڏيون ٿا. پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ سڌوسنئون فضائي رابطن جو قيام خوش آئنده آهي. صدر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اسلامي م??ڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪامسٽ??ڪ جي ڪوششن کي ساراهيو.