اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان محفوظ رهڻ جي لاءِ موثر قدم لازمي آهن، گئسن جي ??المي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي ??اوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي ??ثرن کان متاثر ٿيو آهي، موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي قومي جذبي سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسلامي تعليم سان اسان کي حقوق العباد، حقوق الله ۽ نباتات جي ??قن جو درس ملي ٿو، انهن نعمتن جي قدر ڪرڻ جي ??رورت آهي ۽ موسمياتي تبديلي جي ??ثرن کان بچڻ جي لاءِ ان طرف ڌيان ڏيڻو پوندو، آلودگي ۽ ماحول کي متاثر ڪندڙ ٻين عملن سان منفي اثر پيدا ٿين ٿا جنهن جو نتيجو ڪڏهن اسان ٻوڏ، ڪڏهن زلزلي يا ڪڏهن ٻين قدرتي آفتن جي ??ورت ۾ ڏسون ٿا. وزيراعظم چيو ته گئسن جي ??المي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ هجڻ جي ??اوجود گذريل سال ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو، اسان کي موسمياتي تبديلي جي مسئلن ۽ منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي جذبي تحت ڪم ڪرڻو پوندو ۽ سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ ٻين ڌرين کي موسمياتي تبديلي جي مسئلي جي ??ل کي پنهنجي ??رجيح بڻائڻو پوندو، سرڪاري ادارن ۽ ٻين رياستي ادارن کي به ان سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ??رورت آهي اسان ته ان حوالي سان پنه??جو ڪردار ادا ڪنداسين پر جيستائين وسيلن جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ٻين قدمن جي ??رورت آهي، عالمي برادري کي به پنه??جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.