اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن ۽ اسان انهن جي قربانين جا قرضي آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن دفاع جي ڏهاڙي جي حوالي سان قومي يادگار شڪر پڙيان تي ٿيندڙ تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پڻ موجود هو. نگران وزيراعظم تق??يب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو ۽ هتي دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان تق??يب ۾ شرڪت جي لاءِ موجود آهيان ته اسان پنهنجي شهيدن کي وس??ريو نه آهي، اهي الله جي راهه ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪن ٿا، شهيد اسان جي مٿي جا موڙ آهن، اسان شهيدن جي قربانين ۽ انهن جي خاندانن جا قرضي آهيون، اهو قرض ادا ڪرڻ ۾ جيڪو ننڍڙو نذرانو اسا?? پيش ڪريون ٿا اهو انهن جي ۽ انهن جي پيارن جي تڪريم آهي. هن چيو ته اهو ئي اهو جذبو آهي جنهن جو ذڪر علامه اقبال به پنهنجي شعرن جي ذريعي ڪيو. شهادت هڪ عظيم رتبو آهي جنهن جو الله تعاليٰ وٽ تمام وڏو اجر آهي.