نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي ??ي گڏيل قومن جي سيڪري??ري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم گذريل سال پاڪستان ۾ ٻوڏ دوران سندس اڻٿڪ حمايت ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي فريم ورڪ (فور آر ايف) تي جنيوا ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني تي سيڪري??ري جنرل جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي سنگين خطرن جي ڏس ۾ ترقي يافته ملڪن پاران موسمياتي مالياتي واعدن جي تڪميل جي اهميت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪري??ري جنرل کي پاڪستان ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪي?? جنهن جو مقصد ملڪ جي مضبوط اقتصادي بحالي جي لاءِ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي. نگران وزيراعظم پائيدار ترقي جي هدفن کي سگهه ڏيڻ ۽ ايس ڊي جيز ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تجويز ڪي?? قدمن جي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪري??ري جنرل جي عاليم مالياتي تبديلي جي مطالبي کي ساراهيو. نگران وزيراعظم 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جو ذڪر ڪندي سيڪري??ري جنرل کي ڀارت پاران جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪي??. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ تي زور ڏنو.