اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آه?? ته والاريل علائقي ۾ ڀارتي فورسز انساني حقن جون سنگين خل??ف ورزيون ڪري رهيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته سيپٽمبر ۾ ڀارتي فوج 13 ڪشميرين کي عدالت کان مٿانهون قتل ۽ 157 شهرين ۽ ڪارڪنن کي گرف??ار ڪيو. ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ گرف??ار ڪيل اڪثر ماڻهن خلاف قابض عملدارن لاڳو ڪيل ڪاري قانون پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ غيرقانوني سرگرمي?? جي روڪٿام ايڪٽ (يو اي پي اي) جي سخت قانونن تحت ڪيس داخل ڪيا هئا. هن چيو ته اهڙن جابراڻي قدمن ۽ انساني حق?? جي خل??ف ورزين جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ ڪشميري اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ گهرج?? ته جيئن ڪشميري عوام آزادي سان پنهنجي خودمختياري وارو حق استعمال ڪري سگهن.