اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ايم زيڊ سهيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيا?? ۾ ??ن مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ايم زيڊ سهيل جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي ??لي افسوس ٿيو. مرحوم پي ٽي وي جو اثاثو هو. هن چيو ته مرحوم پاڪستان ٽيليويزن جي خبرن واري شعبي سان اٽڪل 4 ڏهاڪن تائين ??له??ڙيل رهيو. هن چيو ته مرحوم جون پي ٽي وي لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مق??م ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.