اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فلسطين جي صدر محمود عباس کي ٽيليفون ڪري پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران اسرائيل پاران 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان فلسطين جي معصوم ماڻهن تي ڪيل ظلمن تي دلي همدرديءَ ۽ ڏک جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته غزه جي صورتحال انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، پوري پاڪستاني قومي اسرائيلي سيڪيورٽي فورسز جي ڏاڍ ۽ دهشتگردي تي ڏکويل آهي. صدر اسرائيل پاران شديد بمباري ۽ اسڪولن ۽ اسپتالن کي به نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته وحشياڻي قدمن جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارن، صحت جي شعبي، صحافين ۽ گڏيل قومن جي امدادي ڪارڪنن سميت ه??ارين فلسطيني مارجي ويا. هن چيو ته غزه جي موجوده صورتحال اسرائيل جي ڏهاڪن کان نسلي فرق ۽ غيرمنصفاڻي پاليسين جو ردعمل آهي. صدر مسلمانن جي نسل ڪشي ۽ انهن کي پنهنجي علائقن مان بيدخل ڪرڻ تي اسرائيل جي مذمت ڪئي. هن عزه جي عوام جي خلاف اسرائيل جي قاتلاڻي مهم روڪڻ جي لاءِ عال??ي برادري پاران عدم ڪارروائي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي حل لاءِ ??لسطين جي حمايت جاري رکندو. صدر چيو ته عال??ي برادري فوري جنگبندي ۽ غزه تائين انساني همدرديءَ جي بنياد تي لنگهه کولڻ جي لاءِ ??دم کڻي ۽ فلسطينين جي پنهنجي وطن مان وڌيڪ بيدخلي روڪڻ، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي مستقل حل جي لاءِ ڪوششون ڪري. فلسطيني صدر محمود عباس چيو ته اسرائيل غزه ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن اسرائيل کي فلسطيني سرزمين تي ويڙهه کي روڪڻ سان گڏوگڏ انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ غزه جي لاءِ ??نگهه کولڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. هن چيو ته غزه جي ماڻهن جي لاءِ خوراڪ، دوائون ۽ بجلي دستياب نه آهي. ان موقعي تي فلسطيني صدر محمود عباس ??لسطين جي حمايت ۽ انساني امداد موڪلڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.