اسلام آباد – 04 ?? جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۾ سفيرن جي ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس ??مي?? ڏينهن شروع ٿي وئي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سفيرن جي ڪانفرنس ۾ علائقائي نمائندن سان گڏوگڏ اهم گادي وارن شهرن مان پاڪستان جي ??فيرن کي گهرايو ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪانفرنس جي ??روعات نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جي ??فتتاحي خطاب سان ٿيندي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اهم خطاب ڪندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سفيرن جي ڪانفرنس جي ??جلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي باقاعده بحث جي ??هميت تي زور ڏنو. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي رخن تي غور فڪر ۽ سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. سفيرن جي ڪانفرنس علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي جي ڏس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن تي تفصيلي بحث جي لاءِ گهرائي وڃي ٿي.