اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، خضدار – ڪراچي ٻن ڦاڪن واري رستي جي تعمير جي لاءِ معاملن کي تيزي سان اڳتي وڌايو وڃي، ڪڇي ڪينال منصوبي جي معاملن جي حوالي سان منصوبابندي واري نگران وفاقي وزير، پنجاب ۽ بلوچستان جي نگران وڏن وزيرن تي ٻڌل بين الصوبائي ڪميٽي جوڙي وڃي، جابلو نالن مان ايندڙ پاڻي کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ چيڪ ڊيمز ٺاهيا وڃن. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بلوچستان جي معاملن تي اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بلوچستان جي نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي، بلوچستان جي تعليم واري نگران وزير ڊاڪٽر قادر بلوچ، چ??ف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر بلوچستان جي نگران حڪومت جي نمائندگي ڪئي. نگران وفاقي حڪومت پاران منصوبابندي واري نگران وفاقي وزير سميع سعيد، قانون ۽ پاڻي وسيلن واري نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيرا??ظم چيو ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. نگران وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته بلوچستان جي سمورن پاڻي منصوبن ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنس ۽ ڪلائميٽ فنانس کي نظر ۾ رکيو وڃي. نگران وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته خضدار – ڪراچي ٻن ڦاڪن واري رستي جي تعمير جي لاءِ معاملن کي تيزي سان اڳتي وڌايو وڃي. سندس چوڻ هو ته خضدار ڪراچي ٻن ڦاڪن واري رستي جي تعمير سان ملڪ جي مختلف علائقن کي متبادل لنگهه ملندو ۽ رابطو آسان ٿ??ند??. وڌيڪ اهو ته نگران وزيرا??ظم بلوچستان جي سرڪاري يونيورسٽين جا مالي مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جيائنس_و_ٹیکنالوجی/136005.html"> پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيرا??ظم ڪڇي ڪينال منصوبي جي معاملن جي حوالي سان بين الصوبائي ڪميٽي ٺاهڻ ۽ ان ڪميٽي ۾ منصوبابندي واري نگران وفاقي وزير، پنجاب ۽ بلوچستان جي نگران وڏن وزيرن کي شامل ڪرڻ جيائنس_و_ٹیکنالوجی/136005.html"> پڻ هدايت ڪئي. ڪميٽي ڪڇي ڪينال جي بحالي ۽ توسيع جي حوالي سان تجويزن کي حتمي شڪل ڏ??ند??. نگران وزيرا??ظم جابلو نالن مان ايندڙ پاڻي کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ چيڪ ڊيمز ٺاهڻ جي هدايتائنس_و_ٹیکنالوجی/136005.html"> پڻ ڪئي ته جيئن ڪڇي ڪينال ۽ پيٽ فيڊر کي جابلو نالن جي ٻوڏ واري پاڻي کان بچائي سگهجي. نگران وزيرا??ظم پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ مڇين جي غيرقانوني شڪار جي روڪٿام جي لاءِ ٽرالرز تي ٽريڪر سسٽم هڻڻ جيائنس_و_ٹیکنالوجی/136005.html"> پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيرا??ظم نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽرويز پوليس کي نادرا جي حصيداري سان گاڏين جي رجسٽريشن ۽ فٽنس جي حوالي سان ٺوس نظام آڻڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي چيف سيڪريٽري بلوچستان پاران صوبي جي مختلف منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان حڪومت صوبي ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سمورين هدايتن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي بلوچستان جي لاءِ ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس اوڳاڙيون وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تيائنس_و_ٹیکنالوجی/136005.html"> پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ٽيڪس روينيو ڪليڪشن سسٽم جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي کاڻين جي کوٽائي کي صنعت جو درجو ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن تيائنس_و_ٹیکنالوجی/136005.html"> پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪوئيٽا ضلعي ۾ کاڻين جي کوٽائي جي لاءِ ريسڪيو 1122 جو خصوصي مرڪز قائم ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ موٽرويز، قومي ۽ صوبائي رستن تي سفر محفوظ بڻائڻ جي لاءِ گاڏين جي ٽيسٽنگ جو ٺوس نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي. بلوچستان حڪومت وفاقي حڪومت سان گڏجي پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ مڇين جي غيرقانوني شڪار جي خلاف قدم کڻي رهي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انتظامي شفافيت وڌائڻ جي لاءِ بلوچستان جي سمورن سرڪاري ملازمن جي ڊيٽا جي نادرا کان تصديق ڪئي پئي وڃي.