ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ غيرملڪين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪرڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ايس آءِ ايف سي جو غيرملڪي ??يڙپڪارن جي اعتمادسازي ۾ اه?? ڪردار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين اجلاس جي موقعي تي پاٿ فائنڊرز بريڪ فاسٽ جي تقريب ۾ شرڪت ??ند??ن جي سوال جو جواب ڏيندي ڪيو. ان حوالي سان وزيراعظم آفيس پاران سوشل ميڊيا ايڪس تي ان تقريب جي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي. وڊيو ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ايس آءِ ايف سي ٻين ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي، پاڪ فوج سميت حڪومت جا سمورا ادارا ان جو حصو آهن، پاڪ فوج غيرملڪي ??يڙپڪارن جي تحفظ سميت ٻين معاملن ۾معاونت فراهم ڪري رهي آهي، ايس آءِ ايف سي جو غيرملڪي ??يڙپڪارن تي اعتمادسازي ۾ اه?? ڪردار آهي.