اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اَپاسٽِل آر??يننس 2024ع جاري ڪري ڇڏيو، آر??يننس جو مقصد غيرملڪي عوامي دستاويزن جي لاءِ قانوني تصديق جي پابندي ختم ڪرڻ آهي. اهو آر??يننس پاڪستان ۾ شهرين، ٻا??رئ??ن ملڪ رهندڙ ماڻهن جي سهولت لاءِ جاري ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اَپاسٽِل آر??يننس نگران وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 (1) تحت جاري ڪيو آهي. ان جو مقصد غيرملڪي عوامي دستاويزن بابت 1961ع جي هيگ ڪنوينشن تحت پاڪستان جون ذميواريون پوريون ڪرڻ آهي. ڪنوينشن ٻا??رئ??ن ملڪ عوامي دستاويزن جي استعمال لاءِ قانوني تصديق/ توثيق ۾ ڇوٽ فراهم ڪري ٿو. وفاقي ڪابينا مارچ 2022ع ۾ اَپاسٽِل ڪنوينشن سان پاڪستان جي ال??اق جي منظوري ڏني هئي. اپاسٽل ڪنوينشن مارچ 2023ع کان پاڪستان جي لاءِ لاڳو ٿيو هو.