اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران گ??يل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گ??يل موقف اختيار ڪندي سلامتي، علائقائي استحڪام، واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ گ??يل مقصدن جي لاءِ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايراني هم منصب حسين امير عبداللهيان سان گڏ گ??يل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کان موجود مضبوط اداراجاتي مڪينزم کي مڪمل طور تي استعمال ۾ آڻيندي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اجتماعي ۽ گ??يل تعاون تي ٻڌل موقف اختيار ??رڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين تسليم ڪيو آهي ته ويجها ٻطرفا لاڳاپا نه رڳو ٻنهي ملڪن جي عوام جي گ??يل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهن پر خطي جي استحڪام جو هڪ اهم ذريعو به آهن. هن چيو ته ملاقات دوران ڌرين ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي سطح تي اعليٰ سطحي مشاورتي مڪينزم قائم ??رڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اهو اعليٰ سطحي مڪينزم ايران ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گ??يل تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو مستقل بنيادن تي جائزو وٺندو. نگران پرڏيهي وزير دهشتگردي جي حوالي سان هڪ ٻئي جي خدشن کي ختم ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ان سلسلي ۾ ٻنهي ڌرين رابطا آفيسر مقرر ??رڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اهي رابطا آفيسر تربت ۽ زاهدان ۾ مقرر ڪيا وي??دا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته ايراني پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اسان جي گهري عزم جو ثبوت آهي. ملاقات دوران هن چيو ته علائقائي سالميت جو احترام ٻطرفي تعاون جو بنيادي اصول آهي. هن چيو ته ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي سرحدي علائقن جي اقتصادي ترقي کي ترجيح ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو وي??، اسان 5 باقي رهيل سرحدي مارڪيٽن کي تيزي سان فعال بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي ۽ اهي سرحدي مارڪيٽون جلد ڪم شروع ڪري ڇڏينديون. ان موقعي تي ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان چيو ته ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ عظيم جاگرافيائي، تاريخي ۽ ثقافتي قدر موجود آهن، جيڪڏهن اسان پاڪستان ۽ ايران جي تاريخ تي نظر وجهون ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪڏهن به علائقائي اختلافن يا سرحدي مسئلن جو ڪو واقعو پيش نه آيو جيڪو دوستاڻي ٻطرفن لاڳاپن جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته ايران پاڪستان کي پنهنجو ڀائر، پاڙيسري ۽ دوست ملڪ سمجهي ٿو، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪن ٿا. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو وي?? آهي ته ٻئي ملڪ دهشتگردن کي سرحدي علائقن جي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جي اجازت نه ڏيندا. اسان سمورن دهشتگردن کي واضح لفظن ۾ ٻڌائينداسين ته اسان (ايران ۽ پاڪستان) انهن کي پنهنجي گ??يل سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جو ڪو موقعو فراهم نه ڪندا. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ٻنهي ملڪن جي گ??يل سرحدي علائقن ۾ موجود دهشتگردن کي ٽئين ملڪ جي حمايت حاصل آهي. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جي وفدن گڏجي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته سرحدي سلامتي، دهشتگردي جي خلاف جنگ، واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ، سرحدي مارڪيٽن جي توسيع ۽ آزاد واپاري زونز قائم ??رڻ جي حوالي سان جلد کان جلد وڌيڪ قدم کنيا وي??دا. هن چيو ته ٻنهي ڌرين مذهبي سياحت ۽ توانائي جي تعاون جي منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ??رڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. فلسطين مسئلي جي حوالي سان ڳالهائيندي ايراني پرڏيهي وزير فلسطين جي عوام جي لاءِ حمايت تي پاڪستان جي موقف کي ساراهيو. هن فلسطيني عوام ۽ فلسطيني مزاحمت جي حمايت جاري رکڻ جي ايران جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ عام چونڊن جي محفوظ ۽ ڪامياب انعقاد جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تازن واقعن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته گهري ۽ تاريخي ٻطرفن لاڳاپن جي ڪري ٻئي ڌريون غلط فهمين کي جلد ختم ??رڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ايران جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايراني صدر جو پاڪستان جو دورو عام چونڊن کانپوءِ ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو.