اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آ??ي ته اسٽيل ٽائون ۾ عالمن ۽ موذن کي اسٽيل انتظاميا جي فنڊز مان 4 مهينن جي رڪيل پگهار جي ادائيگي ٿي وئي آهي، فنڊز جي کوٽ جي ڪري اڳتي اسٽيل ٽائون ۾ رهندڙ ماڻه?? کان وصولي ڪري پگهارن جي ادائيگي ڪئي ويندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتصيٰ جي ڌيان ڇ??ايو نوٽيس جي جواب ۾ هن ايوان کي ٻڌايو ته اسٽيل ٽائون مسجد ڪميٽي 37 عالم ۽ موذن مقرر ڪيا هئا جن جي پگهار پاڪستان اسٽيل جي ملازمن جي فنڊز مان کڻي ڏني ويندي هئي پر 2021ع کان اسٽيل ملز جي ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو سل??لو شروع ٿيو ان جي ڪري ملازمن جو انگ 8600 مان گهٽ ٿي 3 هزار رهجي ويو جنهن جي ڪري فنڊز به گهٽ ٿي ويا. هاڻي اسٽيل مل جي ملازم?? کان جيڪي فنڊز گڏ ڪيا ??ڃن ٿا اهي هڪ لک 34 هزار رپيا آهن جن مان 37 عالمن ۽ موذن کي پگهار ڏيڻ ممڪن نه آهي، ان لاءِ 32 عالمن ۽ موذن جو ڪانٽريڪٽ نه وڌايو ويو. اسٽيل مل انتظاميا اسٽيل ٽائون ۾ رهندڙ ماڻه?? کان 250 رپيا في گهر وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيئن ئي اهي فنڊز گڏ ٿيندا، 32 عالمن ۽ موذنن کي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته گذريل چار مهين?? کان انهن جي رڪيل پگهار اسٽيل مل انتظاميا پنهنجي فنڊز مان ادا ڪري ڇڏي آهي.