اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ڏهاڙي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90، 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 ۽ رولز آف بزنس جي رول 15 اي تحت ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سزائن ۾ گهٽتائي جو لا??و قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي نه ٿيندو. اه??ي طرح سزائن ۾ گهٽتائي جو لا??و زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين کانسواءِ مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به نه ٿيندو. غيرملڪي ما??هو ايڪٽ 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ماڻهن تي به سزائن ۾ گهٽتائي جو فيصلو لا??و نه ٿيندو. 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا اه??ا مرد قيدي جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي جيڪي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪيون آهن انهن تي سزائن ۾ گهٽتائي لا??و هوندي. اه??ي طرح 18 سالن کا?? گهٽ عمر ما??هو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ??ي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لا??و هوندي.