اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پاڪستان آئرلينڊ، اسپين ۽ ناروي پاران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي اعلان جي آج??ان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان بهاماس، ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو، جميڪا ۽ بارباڊوس پاران فلسطين کي تسليم ڪرڻ جي تازي اعلانن جي پڻ آج??ان ڪريون ٿا. اهي تازا اعلان فلسطيني عوام جي انهن جي ختم نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق لاءِ ڏهاڪن کان جاري جدوجهد ۾ هڪ سنگ ميل آهن. هن چيو ته غزه جي نسل ڪشيءَ ۽ اتان جي سنگين انساني صورتحال هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ طرف وڌڻ جي سخت ضرورت تي زور ڏنو آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس ??لش??يف هجي. ترجمان چيو ته رياست لفسطين کي هاڻي گڏيل ق??من جي ميمبر ملڪن جي وڏي اڪثريت تسليم ڪيو آهي، تنهن ڪري هاڻي وقت اچي ويو آهي ته فلسطين کي گڏيل ق??من ۽ ٻين عالمي تنظيمن ۾ مڪمل ميمبرشپ فراهم ڪئي وڃي جيئن ته ??ڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي پنهنجي تازي قرارداد ۾ مطالبو ڪيو هو. هن چيو ته اسان گڏيل ق??من جي سلامتي ڪائونسل کان انهن وڌندڙ عالمي جذبن جو مثبت جواب ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪريون ٿا.