اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان فيصلي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي، پ??ڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گ??يل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري غزه ۾ اسرائيلي آپريشن روڪڻ جي عالمي عدالت جي فيصلي تي فوري عمل ڪرائي، رفح ۾ آپريشن روڪڻ جي انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿي??دي. هن چيو ته مظل??م انسانيت جي حق ۾ فيصلو ڏيندڙ 13 ججن ۽ پٽيشن داخل ڪرڻ تي ڏکڻ آفريقا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پ??ڪستان ڏکڻ ايشيا جي پٽيشن جي حمايت ڪئي ه??ي، اڳتي به سمورن فلسطينين جو ڪيس وڙهندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته عدالتي فيصلي موجب گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن کي غزه ۽ رفح ۾ فوري پهچ ڏني وڃي، فيصلو مظل??م انسانن جي فتح آهي، فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته رستا کولڻ، غذائي ۽ طبي امداد جي فوري فراهمي جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي ته جيئن مظل??م انسانن کي ريليف ملي سگهي، پ??ڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظج ي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.