اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پرڏيه?? آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف جي دوري پاڪستان ڌرين کي ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جامع جائزو وٺڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جو ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جي دوري دوران ٻنهي ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضب??ط بڻائڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي ۽ دفاع، تعليم، ڪلائميٽ ايڪشن ۽ علائقائي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ پارلياماني مٽاسٽا کي وڌائڻ، ثقافتي تعاون کي مضب??ط بڻائڻ ۽ عوام سا?? عوام جنهن ۾ شاگرد، تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت ت?? به اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير بيراموف گهڻ رخي فورمز تي ٻطرفي تعاون ۽ غيرقانوني طور تي ??ارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سا?? ملاقات ڪئي ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سا?? تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.