اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذر??ائ??جان ج?? صدر الهام عليوف جي وچ ۾ ون آن ون ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف آذر?? صدر کي ڀليڪار چوندي چيو ته توهان کي پاڪستان ۾ ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري جي لاءِ توهان جو پاڪستان جو دورو انتهائي خوش آئنده ۽ هڪ اهم سنگ ميل آهي، پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان جي وچ ۾ لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان جي وچ ۾ اقتصادي، توانائي، سياحت، ثقافتي، تعليمي، ٽيڪنالاجي، صحت جي سارسنڀال ۽ ماحولياتي تعاون، ٻنهي ملڪن جي ع??ام جي پاڻ ۾ رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ حصيداري کي وڌايو ويندو. وزيراعظم باڪو کي 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز جي ميزباني ملڻ تي آذر??ائ??جان ج?? صدر کي مبارڪباد ڏني ۽ ان حوالي سان پاڪستان جي ڀرپور معاونت جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ٻطرفن معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. بعد ۾ ٻنهي اڳواڻن جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. بعد ۾ وزيراعظم ۽ آذر?? صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. آذر?? صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان پاڪستان جي موقف جي ڀرپور تائيد ڪندي چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميري ماڻهن جي امنگن موجب آزاداڻي ريفرنڊم ذريعي حل ٿيڻ گهرجي. آذر?? صدر چيو ته شروعاتي طور تي آذر??ائ??جان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو. هن چيو ته آذر??ائ??جان اسلام آباد جي رنگ روغن ۽ خوبصورتي ۾ اضافي جي لاءِ تعاون ۾ اضافو ڪندو. ٻنهي طرفن باڪو ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اڏامن ۾ اضافي تي پڻ اتفاق ڪيو. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم آذر??ائ??جان ۾ پاڪستاني چانور جي ڊيوٽي فري برآمد جي فيصلي تي آذر??ائ??جان ج?? صدر جا خصوصي طور تي ٿورا مڃيا.