اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي اي?? ڊي اي?? اي استور ۾ ٻوڏ واري صورتحال کان متاثر سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ فوري ايڪشن وٺي ڇڏيو ۽ ٻوڏ ريلي کان متاثر علائقي ۾ غيرملڪي سياحن جي محفوظ هجڻ جي ??پو??ٽ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??پو??ٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻه اطالوي ۽ ارجنٽينا سان تعلق رکندڙ هڪ سياح محفوظ ۽ متاثر علائقي کان پري آهن، ف??نه پُل جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. اي?? ڊي اي?? اي ۽ لاڳاپيل ادارا حالتن جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال جي لا??ِ تيار آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته سياحن ۽ مقامي ماڻهن کي ??نهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي.