اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري ميجر عزيز ڀ??ي شهيد (نشان حيدر) کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪيو ??هي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پوري قوم ميجر عزيز ڀ??ي جي بي مثال قرباني ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته ميجر عزيز ڀ??ي 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ دشمن جي سامهون انتهائي بهادري سان ڄمي قوم جي دفاع جو فرض سرانجام ڏنو، ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ تي پوري قوم پنهنجي هيرو کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر چيو ته ميجر عزيز ڀ??ي جي لازوال قرباني اسان جي لاءِ هڪ روشن مثال ??هي. اسان ان ڳالهه جو و??ن ورجايُون ٿا ته اسان به پنهنجي ملڪ جي لاءِ هر ممڪن قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار ره??دا??ين. صدر ميجر عزيز ڀ??ي شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.