اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين 12 ربيع الاول جي مبارڪ ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ مسلم اُمت کي مبارڪبون پيش ڪندي چيو آهي ته اسلام جي حقيقي تصور کان روشناس ٿيڻ ل??ءِ اسان کي سيرت طيبه صلي الله عليه وآله وسلم کي سمجهڻ جي ضرو??ت آهي. مسلم اُمت کي درپيش مسئلن، ڏڦيڙ، نفرتن ۽ ناانصافين جو واحد حل سيرت طيبه صلي الله عليه وآله وسلم ۾ موجود آهي. حضور صلي الله عليه وآله وسلم سا?? محبت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي، انسانيت جي هر ڏُک جو علاج ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليه وآله وسلم جي ڪامل تابعداري ۾ لِڪل آهي. 12 ربيع الاول جي ڏهاڙي جي مناسبت سا?? پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي ولادت جو ڏهاڙو آهي. اڄ جو ڏينهن سمورن مسلمانن ل??ءِ سڀ کان وڌيڪ خوشين ۽ برڪتن وارو ڏينهن آهي، الله تعاليٰ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم کي ٻنهي جهانن ل??ءِ رحمة للعالمين بڻائي موڪ??يو. الله تعاليٰ اسان کي حضرت خاتم النبيين صلي الله عليه وآله وسلم جو اُمتي هئڻ جو شرف بخشيو، حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سا?? محبت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي. وفاقي وزير چيو ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم رنگ، نسل، خاندان، زبان ۽ وطن کان مٿاهون ٿي هڪ اُمت ۽ ملت جو قيام عمل ۾ آندو. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم اهڙي فلاحي رياست قائم ڪئي جنهن ۾ امير ۽ غريب جا حق برابر آهن. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم ڪيترن ئي سا??ن کان جنگ ڪندڙ قبيلن کي رياستِ مدينه جي فلاحي نظم جو حصو بڻايو جنهن سا?? هڪ عالمگير مساوات، ڀائيچاري ۽ عدل ۽ انصاف تي ٻَڌل معاشرو جڙيو. نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات ئي اڄ جي ڏينهن سڀ کان وڏو فلسفو آهي، اسان کي پنهنجي آقا حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي تعظيم سا?? سندن تعليمات کي حقيقي طور تي اختيار ڪرڻو پوندو. اڄ اسان ان ڳالهه جو عهد ڪريون ته جيڪو رستو پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم اسان کي ڏيکاريو ان رستي تي هلنداسين ته جيئن اسان معاشري ۾ هڪ فلاحي رياست بڻائي سگهون جنهن سا?? دنيا ۽ آخرت ۾ فلاح ماڻي سگهون.