اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي مهم جوئي ۽ ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها امن جي بحالي ۽ تڪرارن کي ڦهلجڻ کان ??وڪڻ جي لاءِ فوري ??دم کڻي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان ??در ۾ حڪومت پاران گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو جيڪا فلسطين ۾ اسرائيل جي ڏاڍ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي منعقد ڪئي وئي هئي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران ??سرائيلي قابض فوج انفراسٽرڪچر کي تباهه ??رڻ کانسواءِ 41800 فلسطينين کي شهيد ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ۽ ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اسرائيل لبنان، شام ۽ يمن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي حملن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته عالمي برادري اسرائيل کي خاص طور ??ي غزه ۾ فلسيني آبادي جي خلاف نسل ڪشيءَ ??رڻ کان ??وڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ هن ڇوٽ جي موجوده صورتحال تي پڻ سوال اٿا??يو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته عالمي برادري جي لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته اها ڇڪتاڻ کي گهٽ ??رڻ ۽ وڌيڪ جانين جي زيان ۽ تڪرارن کي خطي جي ٻين حصن ۾ ڦهلجڻ کان ??وڪڻ جي لاءِ فوري ڪارروائي ڪري. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي پڻ زور ڏنو ته اها فلسطين ۽ لبنان ۾ امن ۽ سلامتي قائم ??رڻ جي پنهنجي ذميواري ??وري ڪري ۽ 1967ع کان ??ڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد فلسيني رياست جو قيام جنهن جو گادي وارو شهر القدس هجي، جي ذريعي ٻه رياستي حل جي لاءِ پاڪستان ??ي ڏهاڪا پراڻي موقف جو ورجاءُ ڪيو. صدر زور ڏئي چيو ته فلسطين مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ??رڻ کانسواءِ وچ اوڀر ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. فلسطين مان ??سرائيلي فوج جي مڪمل انخلا جو مطالبو ڪندي هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته اها وچ اوڀر ۾ امن جي بحالي لاءِ اسرائيل کي عالمي قانونن جي خلاف ورزي کان ??از رکي. صدر والاريل بيت المقدس سميت والاريل عرب علائقن مان ??سرائيلي فوج جي مڪمل انخلا ۽ فلسطيني عوام جي هٿ نه کڻڻ واري خودمختياري جي حق جي بحالي جي پاڪستان ??ي موقف جو ورجاءُ ڪيو.