اسلام آباد- 01 نومبر (اي پي پي ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي مستونگ ۾ سول اسپتال چؤڪ ويجهو ڌماڪي جي سخ?? لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائي بربريت جو مظاهرو ڪيو ويو. معصوم ٻارن جي حياتين سان کيڏندڙ وحشي ڪنهن ق??م جي رعايت جا حقدار ناهن. گذريل ڏينهن پنهنجي ب??ان ۾ گهرو وزير محسن نقوي معصوم ٻارڙن ۽ پوليس اهلڪار جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. محسن نقوي شهيدن جي ڪٽنبن سان د??ي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ ه?? ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائڻ جي واقعي جي جيتري ب?? مذمت ڪجي گهٽ آهي. حڪومت شهيدن جي ڪٽنبن سان گڏ آهي. وفاقي گهرو وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.