اسلام آباد-08 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي هدايت تي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪاسڪيڊ جي نالي سان جديد ترين خدمت مرڪز قائم ڪيو ويو جتي ??فا??تي برادري ۽ پرڏيهي شهرين کي 12 خدمتون هڪ ڇت هيٺيان ملنديون. وفاقي وزير محسن نقوي ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ??فا??تڪارن جي سهولت لاءِ قائم ڪاسڪيڊ خدمت مرڪز جو باقاعده افتتاح ڪيو. ان سينٽر ۾ ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرڻ ۽ ان جي تجديد، ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ، جنرل پوليس تصديق، گمشدگي جي رپورٽ، ڪرائيدارن جي رجسٽريشن جي سهولت خدمت مرڪز ۾ دستياب هوندي. پرڏيهين جي رجسٽريشن، گهريلو ملازمن جي رجسٽريشن، رضاڪارن جي رجسٽريشن، گاڏين جي تصديق ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي حاصل ڪرڻ جهڙيون خدمتون مهيا ڪيون وينديون. گهرو معاملن واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب سفيرن ۽ پرڏيهين جي سهولت ۽ حفاظت لاءِ هر ممڪن قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، اهو مرڪز ??فا??تي برادري ۽ سمورن مهمانن لاءِ سيڪيورٽي ۽ خدمتن جي فراهمي جي اسان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. خدمت مرڪز ۾ ??فا??تڪارن ۽ پرڏيهي شهرين کي سموريون سهولتون هڪ ڇت هيٺيان ملنديون. هن ??يو ته ڊپلوميٽڪ انڪليو سميت پور?? گادي واري هنڌ کي خوبصورت بڻائڻ اسان جو مشن آهي، خدمت مرڪز جي قيام سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ??فا??تڪارن وچ ۾ رابطا ۽ گڏيل تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيندو. هن ??يو ته 1500 کان وڌيڪ پوليس ۽ ايف سي اهلڪار ۽ 20 پوليس گاڏيون ڊپلوميٽڪ انڪليو جي سيڪيورٽي تي مقرر آهن. وفاقي وزير محسن نقوي ??فا??تڪارن سان گڏجي ڪاسڪيڊ خدمت مرڪز جو دورو پڻ ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي پوليس خدمت مرڪز جي مختلف ڪائونٽرز جو معائنو ڪيو ۽ سهولتن جو جائزو ورتو. آءِ جي اسلام آباد پوليس پرڏيهي شهرين کي فراهم ڪيل سمورين سهولتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. تقريب ۾ شريڪ ??فا??تڪارن ۽ پرڏيهي شهرين ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ ڪاسڪيڊ خدمت مرڪز جي قيام تي گهرو وزير جي ٿورو مڃيو، تقريب ۾ ??فا??تڪارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، وفاقي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد پوليس، ڊي سي اسلام آباد ۽ اسلام آباد پوليس جا سينئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.