اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو آ??ي ته سمورن مذهبن جي مذهبي ماڳن جي حفاظت اسان جو فرض آهي، اقليتون هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آباد آهن نه صرف هندن پر ٻين مذهبن جي مقدس ماڳن جي سارسنڀال ۽ انهن جي واڌا ويجه لاءِ ڪم ڪ??دا??ين. اهڙو اظهار هن ڪٽاس راج مندر ۾ ٺاهيل رهائشي بلاڪس جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چڪوال ۾ ڪٽاس راج مندر ۾ هندو ياترين جي رهائشي بلاڪ جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي چ??و ته مذهبي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وي??دا?? سمورن مذهبن جي مذهبي ماڳن جي حفاظت اسان جو فرض آهي. هن چ??و ته اقليتون هتي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ آباد آهن، نه صرف هندن پر ٻين مذهبن جي مقدس ماڳن جي به سارسنڀال لاءِ ڪم ڪ??دا??ين. عالمي فورم تي انڊيا ۾ مسلمانن تي ظلم خلاف آواز اُٿاري??دا??ين. هن چ??و ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتون اسان جا پنهنجا ماڻهو آ??ن، اسان دنيا کي اقليتي برادريءَ جي حوالي سان سٺو پيغام ڏي??دا??ين. وفاقي وزير چ??و ته پاڪستان ۾ حج خرچ ??نگ??اديش، ڀارت ۽ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ وصول ڪيا وڃن ٿا. هن چ??و ته اسان حج پيڪيج کي مهانگو نه ٿيڻ ڏنو، ڪٽاس راج چڪوال ۾ ٻن وڏن ڪارخانن سبب روڊ رستا زبون حاليءَ جو شڪار آهن، فيڪٽري مالڪن کي پابند ڪ??دا??ين ته اهي روڊن جي مرمت ڪرائين. چوڌري سالڪ حسين چ??و ته ڪوشش ڪ??دا??ين ته وڌ کان وڌ ياترين کي ويزائون ملن، پرڏيهي وزارت کي به چو??دا??ين ته ويزائون جاري ڪرڻ ۾ رڪاوٽون دُور ڪري.