اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پارليامينٽ طرفان جاچ اِدارن جي قيام جي حوالي سان قانونسازي آئيني اسڪيم ۾ شامل آهي، صوبن ۾ يو??يورسٽيون قائم ڪرڻ صوبن جو مينڊيٽ آهي، ان حوالي سان صدر مملڪت جون هدايتون به آهن، اسان ان حوالي سان احتياط ڪريون ٿا. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ حنيف عباسي رٿ پيش ڪئي ته جديد علم ۽ ٽيڪنالاجيز بابت ويسٽ منسٽر يو??يورسٽي بل 2024ع پيش ڪرڻ ج?? اجازت ڏني وڃي، جڏهن ته ثمينه خالد گهرڪي طرفان اهو بل پيش ڪرڻ ج?? اجازت ڏيڻ بابت رٿ پيش ڪئي وئي. جنهن تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير راءِ ڏني هئي ته صوبن ۾ يو??يورسٽين جو ق??ام صوبن جو آئيني حق آهي. پارليامينٽ طرفان جاچ ادارن جو ق??ام آئيني اسڪيم ۾ شامل آهي، جڏهن ته صدر مملڪت پڻ ان حوالي سان هدايت نامو جاري ڪيو آهي ته وفاق ڪنهن به صوبي ۾ يو??يورسٽيءَ جي قيام جو بل آڻڻ کان پهريان حدن جو تعين ڪيو وڃي. بعد ۾ ميمبرن جي چوڻ تي اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو.