اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) عورتن جي تعليم جي فروغ جي لاءِ 2 ڏينهن واري عالمي ڪانف??نس ڇنڇر 11 جنوري کان شروع ٿيندي. ”مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان ٿيندڙ ڪانف??نس ۾ 23 کان وڌيڪ ملڪن جا ن??ائندا، تعليمي ماهرن، وزير ۽ اسڪولز جا ن??ائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. پ??ڪس??ان ۾ عورتن جي تعليم جي حوالي سان چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري کي ڪانف??نس ۾ گهرايو ويو آهي. ڪانف??نس ۾ عورتن جي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ اسلامي ملڪن جا ن??ائندا پڻ شرڪت ڪري رهيا آهن. اها ڪانف??نس پ??ڪس??ان جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. ان ڪانف??نس ۾ مسلمان ۽ دوست ملڪن جي وزيرن، سفيرن، تعليمي ماهرن ۽ اسڪالرز سميت 150 کان وڌيڪ عالمي ناليواريون شخصيتون شرڪت ڪنديون. گڏيل قو??ن جي ذيلي اداري يونيسڪو، يونيسيف ۽ عالمي بئنڪ سميت مختلف عالمي تنظيمن جا ن??ائندا پڻ موجود هوندا. مقررين ۽ پينلسٽ پنهنجا ڪامياب تجربا شرڪت ڪندڙن سان شيئر ڪندا ۽ تعليم ۾ برابري جي فروغ جي لاءِ جديد طريقا پيش ڪندا. ڪانف??نس جي پڄاڻي تي ”اسلام آباد پڌرنامي“ تي باضابطا صحيحون ڪيون وينديون جيڪو مسلمان معاشري جي ڇوڪرين کي تعليم جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي گڏيل عزم ??و خاڪو پيش ڪندو جنهن سان جامع ۽ پائيدار تعليمي سڌارن سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي لاءِ روشن مستقبل جي راهه هموار ٿيندي.