اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته نوج??ان قوم جي مستقبل جا معمار آهن ۽ انهن کي ئي مستقبل ۾ قوم جي ق??ادت سنڀالڻي آهي، ملڪ ۾ تعليم جو فروغ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن، هن اهڙن خيالن جو اظ??ار راولپنڊي آرٽس ڪائونسل ۾ سپيئريئر گروپ ڪاليج راولپنڊي جي سالياني تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.