اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سماج?? ۽ ??قتصادي ترقي جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو واحد رستو تعليم آهي، ??زي??اعظم عمران خ??ن تعليم جي اهم شعبي ۾ سيڙپڪاري ??ي حوصلا افزائي ڪرڻ ۾ گهري ??لچسپي رکي ٿو، اهو شعبو پاڪستان جي مستقبل سان واڳيل آهي، ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ سرڪاري ۽ نجي حصيداري لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانيا جي يونيورسٽي آف هرٽ فورڊ شائر جي وائيس چانسلر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪوئينٽن ميڪلر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.