اسلام آباد ?? 20 ??يبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلاول صاحب! جيڪڏ??ن توهان چاهيو ٿا ته توهان جو و?? هلي ته ٻن خاندانن کان قوم جي لٽيل رقم واپس ڏياريو، ان جي خلاف تحريڪ هلايو پوري قوم توهان جو ساٿ ڏيندي، بلاول صاحب عوا?? جو وس هلي ته ٿر جي معصوم ٻارن جي قاتلن کي عبرت جو نشان بڻائي ڇڏي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عوا?? جو وس هلي ته انهن جو مستقبل انهن کان کسيندڙن کي لوهه جا زيور پارائين، بلاول صاحب! پاڪستان جي عوام باشعور آهي، هن چيو ته عوام مخالف ڌر جي اصليت ۽ نيت ٻ??هي کان چڱي ريت آگاهه آهي.