اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان کنيل قدمن ۽ انهن جي نتيجن تي ??طم??نان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ ملڪي ص??رتحال بهتر آهي، ڪورونا جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن کي جاري رکيو ويندو، ڪورونا جي خلاف پاليسي سازي دوران سندس اولين ترجيح ملڪ جي غريب عوام ۽ ڪمزور طبقو ۽ انهن جي ضرو??ت هوندي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان وبا جي روڪٿام بابت قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.