اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪراچي جهاز ح??دث?? سميت ويجهي ماضي ۾ ٿيندڙ ٻين ح??دث?? جون رپورٽون 22 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيون وينديون، ڪراچي جهاز ح??دث?? جي شفاف جاچ جي لاءِ ترڪيءَ ۽ ٻين عالمي شهرت يافته ايئرلائينز جي ايئربس جا سينيئر ترين پائليٽس به جاچ ٽيم ۾ شامل ڪيا ويندا، 56800 کان وڌيڪ ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي وطن واپس آڻي چڪا آهيون، م??ضي ۾ پائليٽن جعلي لائيسنس پڻ حاصل ڪيا، ان جي به مڪمل جاچ ڪرائي ويندي، پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل ۽ هوائي اڏن کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي حوالي سان شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو، هوائي حادثا اسان جي لاءِ شرمندگي جو سبب آهن، شفاف جاچ ذريعي ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته 22 مئي تي بدقسمت جهاز سوا هڪ وڳي لاهور کان ڪراچي جي لاءِ اڏام ڀري ۽ 2 لڳي 39 منٽن تي ح??دث?? جو شڪار ٿيو. ان ۾ 97 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ٻه خوشقسمت ترين ماڻهو الله جي ڪرم سان مح??وظ رهيا. اهي ٻئي ماڻهو تيزي سان صحتياب ٿي رهيا آهن. ڪل 99 مسافر هئا جن ۾ ٻه ڪاڪ پٽ ڪريو ۽ 6 ڪيبن ڪريو هئا. 97 شهادتن مان 95 ميتين کي ڊي اين اي ذريعي سڃاتو ويو. انهن جي پونئيرن کي سرڪاري خرچ تي رهايو ويو.