اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق ??نجراڻي چيو آهي ته شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي منصوبن سان بلوچستان جي بجلي جي ضرورت پوري ٿي سگهي ٿي، بلوچستان ۾ قابل تجديد توانائي جي منصوبن لاءِ خصوصي مراعت??ن ڏنيون وينديون. توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب سينيٽ چيئرمين محمد صادق ??نجراڻي سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين بلوچستان ۾ توانائي بابت منصوبن ۽ بلوچستان ۾ بجلي جي فراهمي جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هدايت??ن ڏنيون، سينيٽ چيئرمين چيو ته بلوچستان هڪ وڏو صوبو آهي، بجلي ورڇ جي نظام کي بهتر بڻائڻو پوندو، بلوچستان جي ضلعن چاغي، لسٻيله، آواران، وشوڪ، گوادر وغيره لاءِ ڌار بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپني ٺاهڻ جي ضرورت آهي.