اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وائيٽ ڪالر ڪرائم ذريعي اسرندڙ ملڪن م??ن هر سال اربين ڊالر جي غيرقانوني منتقلي ڪئي وڃي ٿي، پاڪستان جي حڪومت ان جي تدارڪ جي لا??ِ اندروني طور تي قدم کڻي رهي آهي، عالمي سطح تي ان سلسلي جي روڪٿام لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، مالياتي ??وهه ڪندڙن کي انصافن جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ عالمي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم نيويارڪ ۾ عالمي مالياتي احتساب ۽ شفافيت ۽ سالميت (ايف اي سي ٽي آءِ) جي حوالي سان اعليٰ سطحي پينل جي عبوري رپورٽ جي افتتاح ??ي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو.