اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 738 مريضن جا ٽيس?? مثبت آيا ۽ 36 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 42 هزار 909 ٽ??سٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 14 هزار 470، پنجاب ۾ 16 هزار 297، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 296، اسلام آباد ۾ 6 هزار 153، بلوچستان ۾ 704 ، گلگت بلتستان ۾ 198، آزاد ڪشمير ۾ 818 ٽ??سٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 27 هزار 542 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت ??ين??يلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 793 ??ين??يليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 230 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 33 هزار 562 آهي.