اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ميڊيا ۽ ثقافت جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ??نو ويو. وفاقي وزير ثقافتي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي زور ??يندي چيو ته فلم جي شعبي ۾ تعاون تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.