اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريا?? بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ملڪي معيشت کي وينٽيليٽر تي ڇڏيندڙن کي عوام پارليامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، (ن) ليگي قيادت جي ??نه??جي معيشت ۽ ڪاروبار ۾ بلڪل بدحالي آئي آهي، وچ مدي وارين چونڊن جي ڳالهيون ڪري (ن) ليگ ??نه??جي گراهڪن کي تسليون ۽ ??نه??جي ٻڏل سياسي ٻيڙي کي سهارو ڏئي رهي آهي، ڀائي جان بدڪلامي جُون سموريون حدون پار ڪري ??نه??جي ذهنيت جي عڪاس?? ڪندي ثابت ڪيو ته هو ??نه??جي ماءُ، ڀينر ۽ ان جي عزت ۽ توقير کان آگاهه نه آهي، ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن جلد ايم ڪيو ايم ٻيهر ڪابينا جو حصو هوندي، ڪرونا وائرس جو علاج ۽ روڪٿام ڪندڙ ملڪن ۾ به ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙيو، پاڪستان حفاظتي انتظامن، آگاهي ۽ اسڪريننگ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪ فوج ??و مڪمل ڍانچو ان عمل ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران مختلف سوالن جا جواب ڏئي رهي هئي.