اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڪرونا وائرس جي ع??لمي وبا کان متاثر ملڪن جي اڳواڻن ۽ حڪومتي سربراهن کي خط لکيا آهن. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ڪرونا وائرس جي ڪري ٿيندڙ فوتگين تي پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عو??م پاران گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪرونا وائرس هڪ غيرمعمولي ع??لمي چئلنج آهي، جنهن کان هر شخص متاثر ٿيو آهي. سينيٽ چيئرمين پاران لکيل خطن جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ان بحران سان جتي تباهي ٿي آهي اتي ع??لمي دنيا کي متحد ٿيڻ جو هڪ منفرد موقعو مليو آهي. سينيٽ جي چيئرمين جرمن چانسلر، اسپين ۽ اٽلي جي وزيراعظمن کي خط لکيا ۽ پاڪستان پاران هر قسم جي معاونت جي آڇ ڪئي.