اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ نائجيريا جي صدر محمد بوباري ٽيليفون تي ڪورونا وائرس سبب پ??دا ٿيندڙ سماجي ۽ اق??صا??ي چئلينجن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ نائجيريا کي هڪ جهڙيون حالتون درپيش آهن. وزيراعظم نائجيريا جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان پاران يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ا?? جي موثر قدمن ک?? ساراهيو.